ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومي ٽيم ايندڙ مهيني نومبر ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندي، دوري دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون. پاڪستان خلاف ون ڊي ميچز لاءِ آسٽريلوي ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، آسٽريلوي ٽيم جي قيادت پيٽ ڪمنز ڪندا. ون ڊي سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ شين ايبٽ، ڪوپر ڪنولي، جيڪ فريزر مڪگرڪ، ايرون هارڊي، جوش هيزل ووڊ، جوش انگلس، مارنوس لبوشين، گلين ميڪسويل، اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ، ميٿيو شارٽ مارڪس، اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا کي شامل ڪيو ويو آهي. آسٽريلي ٽيم اسڪواڊ جي حوالي سان چيف سليڪٽر جارج بيلي جو چوڻ آهي ته چئمپينز ٽرافي کان اڳ هي آخري ون ڊي سيريز آهي، تنهن ڪري اسڪواڊ ۾ توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جارج بيلي جو چوڻ هو ته فيبروري ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ چئمپينز ٽرافي لاءِ سندس اسڪواڊ جي تجربي کي وڌائڻ جو موقعو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي ميچز 4، 8 ۽ 10 نومبر تي کيڏيون وينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
33%
0.9m/s
30%
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون