تازه ترين

ڪشمور: هٿياربند هوٽل تي ويٺل نوجوان کي اغوا ڪري ويا

ڪشمور ۾ هٿياربند هوٽل تي ويٺل هندو نوجوان کي اغوا ڪري ويا، واقعي خلاف هندو برادري ۽ شهرين پاران ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

مک مارڪيٽ ۾ هوٽل تي هٿياربندن ڪاهه ڪئي، ويٺل ماڻهن کان ڦرلٽ ڪرڻ کانپوءِ نوجوان ساگر ڪمار کي اغوا ڪري کڻي ويا.

اهڙي واردات کانپوءِ هندو برادري ۽ شهرين ڪشمور ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شهرين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ بدامني زور وٺي وئي آهي، پوليس ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين نوجوان ساگر ڪمار کي بازياب نه ڪرايو ويندو سندن ڌرڻو جاري رهندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
27 %
4.9kmh
10 %
سُومر
26 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون