ڪشمور واسي ساگر ڪمار جي والدين کي ڌاڙيلن فون ڪري 5 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو.
ڌاڙيلن پاران وارثن کي فون ڪري ڀنگ طلب ڪرڻ واري آڊيو سنڌ ٽي وي نيوز هٿ ڪري ورتي آهي.
آڊيو ۾ ڌاڙيلن وارثن کي چئي رهيا آهن ته ساگر ڪمار جي بازيابي چاهيو ٿا ته 5 ڪروڙ رپيا ڏيو، پوليس ۽ سردار ڪجهه نٿا ڪري سگهن انهن جي آسري نه لڳو.
هٿ آيل آڊيو ۾ ڌاڙيل ساگر ڪمار جي وارثن کي 5 سئو رپيا ايزي لوڊ موڪلڻ لاءِ به چئي رهيا آهن.
ڌاڙيلن ساگر ڪمار جي بازيابيءَ لاءِ سندس وارثن کان 40 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو.