ڪشمور ضلعي جي پوليس پاران دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي ۽ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ٻن ڏينهن کان ھلندڙ پوليس مقابلي جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
اي ايس آءِ عبدالرزاق بھلڪاڻي ۽ گلزار احمد گجراڻي جي مدعيت ۾ 60 ڏوهارين خلاف دراني مهر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.
ايف آءِ آر ۾ ڀيا گينگ، سبزوئي گينگ، جاگيراڻي گينگ، کوسا ۽ سندراڻي برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن سميت مجموعي طور تي 60 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
پوليس مقابلي جي داخل ڪيل ڪيسن ۾ ڪرائيم نمبر 17 ۽ 18 ۾ 40 جوبدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ويھن جوابدارن کي ٻي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
نامزد ڪيل جوابدارن ۾ علائقي جا بدنام ڏوھاري خادم ڀيو، ارصلاح سبزوئي، بابل جاگيراڻي، سرفراز جاگيراڻي، لاڏو ڀيو، پيارو، امداد، عبدالوهاب، منظور، عبدالمالڪ، رابيل سندراڻي، وحيد ۽ ٻيا شامل آھن.
واضع رهي ته ٻھ ڏينھن اڳ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي اڳواڻي ۾ دودا پوليس چيڪ پوسٽ ۽ دراني مهر واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي ۽ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس آپريشن ڪيو هو ته جوابدارن پوليس مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي ۽ راڪيٽ لانچر پڻ فائر ڪيا ھئا.