تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪشمور : پوليس مقابلي جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪشمور ضلعي جي پوليس پاران دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي ۽ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ٻن ڏينهن کان ھلندڙ پوليس مقابلي جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

اي ايس آءِ عبدالرزاق بھلڪاڻي ۽ گلزار احمد گجراڻي جي مدعيت ۾ 60 ڏوهارين خلاف دراني مهر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

ايف آءِ آر ۾ ڀيا گينگ، سبزوئي گينگ، جاگيراڻي گينگ، کوسا ۽ سندراڻي برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن سميت مجموعي طور تي 60 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس مقابلي جي داخل ڪيل ڪيسن ۾ ڪرائيم نمبر 17 ۽ 18 ۾ 40 جوبدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ويھن جوابدارن کي ٻي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

 نامزد ڪيل جوابدارن  ۾ علائقي جا بدنام ڏوھاري خادم ڀيو، ارصلاح سبزوئي، بابل جاگيراڻي، سرفراز جاگيراڻي، لاڏو ڀيو،  پيارو، امداد، عبدالوهاب، منظور، عبدالمالڪ، رابيل سندراڻي، وحيد ۽ ٻيا شامل آھن.

واضع رهي ته ٻھ ڏينھن اڳ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي اڳواڻي ۾ دودا پوليس چيڪ پوسٽ ۽ دراني مهر واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي ۽ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس آپريشن ڪيو هو ته جوابدارن پوليس مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي ۽ راڪيٽ لانچر پڻ فائر ڪيا ھئا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون