- Advertisement -
ڪشمور ڀرسان ڌاڙيلن پوليس چوڪي تي حملو ڪري هڪ اهلڪار کي شهيد ۽ ٻن کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري هٿيار کڻي فرار ٿي ويا.
ڪچي واري علائقي گيهلپور ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن شهيد حدو ڊومڪي پوليس چوڪي تي جديد هٿيارن سان حملو ڪيو.
ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ دادو واسي هڪ اهلڪار عبدالعزيز برهماڻي شهيد ۽ 2 اهلڪار مولا بخش کوسو ۽ شهمير برهماڻي زخمي ٿي پيا.
شهيد پوليس جو مڙهه ۽ زخمي اهلڪارن کي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ ڌاڙيل سرڪاري هٿيار کڻي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
واقعي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار گيهلپور ۾ پهتل آهن………- Advertisement -
