تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪشمور ۽ غوثپور ۾ مغوين جي بازيابي ۽ بدامنيءَ خلاف احتجاج، شٽربند هڙتال

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪشمور ضلعي جي مختلف شهرن ۾ مغوي جڳديش ڪمار ، ڊاڪٽر منير احمد نائچ، نينگر جئديپ ۽ ٻين جي  بازيابيءَ لاءِ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ڪشمور ۾ بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ هندو برادري ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ڊيرا موڙ وٽ  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڪنڌ ڪوٽ ۾ هندو پنچائت ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڊاڪٽر ميهر چند، جئرام داس، تلسي داس، اڪرم باجڪاڻي، ڊاڪٽر سريش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪرو ڌرڻو هنيو.

گڊو ۾ اغوا ٿي ويل ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ هندو برادري سميت مختلف ڌرين پاران سنڌ –پنجاب جي دنگ تي ڌرڻو هنيو ويو.

غوثپور ۾ هندو پنچائت ۽ جي يو آءِ جي سڏ تي مغوين جي بازيابي لاءِ سيد سهيل شاهه، مکي سريش لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مکي پاڙي کان بس اڏي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

بڊاڻي ۾ هندو برادري پاران شٽر بندر هڙتال ڪري مغوي جڳديش ڪمار، نينگر جئديپ، ساگر ڪمار سميت سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بخشاپور ۾ به شٽر بند هڙتال ڪري هندو برادري پاران مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ۽ قتل روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي، شهرين  کي ڏوهارين جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

مظاهرين چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ پوليس امن بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي آرمي ذريعي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرائي سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي…………  

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
25 %
3.1kmh
80 %
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون