ڪشمور ضلعي جي مختلف شهرن ۾ مغوي جڳديش ڪمار ، ڊاڪٽر منير احمد نائچ، نينگر جئديپ ۽ ٻين جي بازيابيءَ لاءِ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ڪشمور ۾ بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ هندو برادري ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ڊيرا موڙ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڪنڌ ڪوٽ ۾ هندو پنچائت ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڊاڪٽر ميهر چند، جئرام داس، تلسي داس، اڪرم باجڪاڻي، ڊاڪٽر سريش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪرو ڌرڻو هنيو.
گڊو ۾ اغوا ٿي ويل ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ هندو برادري سميت مختلف ڌرين پاران سنڌ –پنجاب جي دنگ تي ڌرڻو هنيو ويو.
غوثپور ۾ هندو پنچائت ۽ جي يو آءِ جي سڏ تي مغوين جي بازيابي لاءِ سيد سهيل شاهه، مکي سريش لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مکي پاڙي کان بس اڏي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
بڊاڻي ۾ هندو برادري پاران شٽر بندر هڙتال ڪري مغوي جڳديش ڪمار، نينگر جئديپ، ساگر ڪمار سميت سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
بخشاپور ۾ به شٽر بند هڙتال ڪري هندو برادري پاران مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ۽ قتل روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي، شهرين کي ڏوهارين جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.
مظاهرين چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ پوليس امن بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي آرمي ذريعي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرائي سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.