تازه ترين

ڪشميري عوام جي آزادي جي لازوال جدوجهد ۽ ڀارتي تسلط ۽ ظلم خلاف قربانين جي اعتراف ۾ اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪشمير سان ٻڌي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

ڪشميري عوام جي آزادي جي لازوال جدوجهد ۽ ڀارتي تسلط ۽ ظلم خلاف قربانين جي اعتراف ۾ اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪشمير سان ٻڌي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

هر شهر ۾ گڏجاڻيون، جلوس، ريليون، سيمينار ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪري ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي.

دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني به ڪشميري عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

پاڪستان حڪومت اڄ ڪشميرين سان ٻڌي جي ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.

ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس کان ڊي-چوڪ تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، پرڏيهي آفيس جي عملدارن، وڏي تعداد ۾ شهرين ۽ سوئيٽ هوم جي ٻارن شرڪت ڪئي.

شرڪت ڪندڙن ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪندي پوسٽر ۽ بينر کڻي انهن تي “ڪشمير بڻجندو پاڪستان” جا نعرا هنيا.

ڪوهالا پل تي هٿن جي زنجير ٺاهي والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي خاص اجلاس کي اڄ خطاب ڪندو.

ٻئي طرف، والاريل ڪشمير ۾ پاڪستان جو ٿورا مڃيندي پوسٽر لڳايا ويا، جن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جون تصويرون هيون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون