تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪشميري عوام جي آزادي جي لازوال جدوجهد ۽ ڀارتي تسلط ۽ ظلم خلاف قربانين جي اعتراف ۾ اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪشمير سان ٻڌي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
ڪشميري عوام جي آزادي جي لازوال جدوجهد ۽ ڀارتي تسلط ۽ ظلم خلاف قربانين جي اعتراف ۾ اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪشمير سان ٻڌي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هر شهر ۾ گڏجاڻيون، جلوس، ريليون، سيمينار ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪري ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي. دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني به ڪشميري عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪري رهيا آهن. پاڪستان حڪومت اڄ ڪشميرين سان ٻڌي جي ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس کان ڊي-چوڪ تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، پرڏيهي آفيس جي عملدارن، وڏي تعداد ۾ شهرين ۽ سوئيٽ هوم جي ٻارن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪندي پوسٽر ۽ بينر کڻي انهن تي “ڪشمير بڻجندو پاڪستان” جا نعرا هنيا. ڪوهالا پل تي هٿن جي زنجير ٺاهي والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي خاص اجلاس کي اڄ خطاب ڪندو. ٻئي طرف، والاريل ڪشمير ۾ پاڪستان جو ٿورا مڃيندي پوسٽر لڳايا ويا، جن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جون تصويرون هيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون