ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميرين طرفان اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به ڪشمير جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون ويون.
حيدرآباد ۾ ڪشميري عوام سان ٿيندڙ ظلم خلاف ڊي سي زين العابدين جي اڳواڻي ۾ شهباز بلڊنگ اڳيان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شهرين ۽ مختلف مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي پاران ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو، رميز راجا شيخ، عباس علي ڏاهاڻي، ابو زبير جکرو، رياض مشوري، عبدالحميد مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
نوابشاهه ۾ اي سي اقبال احمد تنيو جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڀارت خلاف ۽ ڪشمير جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.
ملير ۾ ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ٽائون آفيس کان قومي شاهراهه تائين ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي.
ڪوٽڙي ۾ ڊي سي ڄامشوري جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
خيرپور ۾ ضلعي انتظاميا طرفان ڊي سي احمد فواد شاهه، اي سي ارسلان ڦلپوٽو، اسسٽنٽ مختيارڪار شيراز ڦلپوٽو، ڊي ايس پي سٽي فراز ميتلو، ڊي اي او عبدالسميع ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
دادو ۾ ڊي سي مختيار علي ابڙو، اي سي غلام فاطمه گهلو، پروفيسر محمد عرفان ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان ريلي ڪڍي وئي.
جيڪب آباد ۾ اي سي غلام عباس سڌايو، اي سي احمر افتاب، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر شاهزمان ڏهر جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ جي يو آءِ پاران ابوبڪر سومرو، عبدالصمد ڪتبار، محمد حنيف کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير سان يڪجهتي لاءِ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون.
شڪارپور ۾ اي سي محمد فيضان چيما ۽ اي سي خانپور اياز احمد مشوري جي اڳوڻي ۾ ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
شهدادڪوٽ ۾ مختيارڪار عنايت الله جمالي، ڊاڪٽر امتياز شيخ، ابراهيم دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختيارڪار آفيس کان ڌار ڌار ريليون ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.
قمبر ۾ ڪشمير سان يڪجهتي لاءِ ڊي سي سجاد حيدر قادري جي اڳواڻي ۾ بوائز هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي طرفان حافظ نصر الله چنا، غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير تي ڀارت جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سجاول ۾ سول سوسائٽي ۽ شهرين طرفان عبدالحميد کٽي، غلام حسين مير بحر، رشيد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير سان يڪجهتي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.