- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستاني قونصلر گل قيصر سروائي واضع لفظن ۾ چيو آهي ته ڪشمير جو نه ڪڏهن هو ۽ نه ئي ڪڏهن ٿيندو.
سڪيورٽي ڪائونسل ۾ خطاب دوران پاڪستان قونصلر قيصر سروائي ڀارتي نمائندي جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته والاريل ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي.
هن چيو ته 8 ڏهاڪا گذرڻ باوجود حق خود اراديت جو واعدو پورو نه ڪيو ويو، ڀارتي ٽي ٽي پي فتنه الخوارج ۽ بي ايل اي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.
گل قيصر سروائي چيو ته ڀارت سرحد پار دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي ۽ اتر آمريڪا سميت مختلف ملڪن ۾ قتل ۽ تباهي ۾ ملوث آهي.
هن چيو ته ڀارت ڪيترائي ڀيرا پاڪستان خلاف اڳرائي ڪئي جيڪا بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي واضح ڀڃڪڙي آهي.
پاڪستاني قونصلر هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو ته ڀارت رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي بند ڪري.
پاڪستاني نمائندي سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارت جي بيان کي حقيقتن جي ابتڙ ۽ عالمي معاهدي جي غلط تشريح برابر قرار ڏنو.
هن واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڪنهن به شِق ۾ هڪ طرفي معطلي يا ترميم جي اجازت ناهي ڏني وئي………….
- Advertisement -
