تازه ترين

ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي جو امن ممڪن ناهي، دنيا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺي: اسحاق  ڊار

پاڪستان ۽ چين مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، نائب وزيراعظم اسحاق  ڊار جو چوڻ آهي ته  ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي جو امن ممڪن ناهي، دنيا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺي، چين سان سي پيڪ ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن، پاڪ چين دوستي مضبوط ٿي رهي آهي.

بيجنگ ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهين جو پنجون دور ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي مفادن جي تحفظ ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حمايت جي خاطري ڪرائي.

چيني پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي نائنب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته چين ۽ پاڪستان اهم ڀائيوار آهن، سندن دوستي جبل کان مضبوط آهي، جيڪا وقت گذرڻ سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهن، جيڪي گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن.

چيني پرڏيهي وزير وانگ زي چيو ته پاڪ چين لاڳاپا علائقائي امن ۽ خوشحالي لاءِ اهميت رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن.

هن چيو ته  پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مضبوط دوستي آهي، ون چائنا پاليسيءَ تي پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
27 %
0.6kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون