تازه ترين

ڪشور : بدامني، اغوا ۽ ڦر واقعن خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال

ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي انتهائي خراب ٿيل صورتحال ۽ رات وچ شهر مان هٿياربندن هٿان اغوا ڪيل هندو نوجوان ساگر ڪمار واري واقعي خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

شهر ۾ شٽربند هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته فقير محمد زمان دايو، وڪيل نثار احمد سومرو، عبدالفهيم ٿهيم، درشن لال ڪيسواڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ضلعي اندر پوليس جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي پهريان روڊن تان هاڻي شهرن مان ڌاڙيل شهرين کي گهرن مان اغوا ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته ڪشمور ۾ قانون نالي ڪابه شيءِ نظر نٿي اچي رهواسي پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏيندي چيو ته ڪشمور ۾ وزيرستان کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال آهي، سنڌ توڙي وفاقي سرڪار به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، رهواسي هاڻي امن قائم ٿيڻ تائين سراپا احتجاج هوندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
28 %
3kmh
72 %
اڱارو
20 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
20 °

تازه ترين خبرون