- Advertisement -
ڪلوئي پوليس جعلي مقابلي ۾ ماريل رمضان کوسو واري ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪندي گهربل 5 جوابدارن مان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڪلوئي پوليس ڏيپلو ٿاڻي جي حدن ۾ ڪارروائي ڪندي رمضان کوسو قتل ڪيس ۾ گهربل 5 جوابدارن مان هڪ جوابدار پهلاج ميگهواڙ کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ، پوليس اهلڪار شوڪت راهمون، لعل محمد بجير، پرڪاش ميگهواڙ ۽ پرائيويٽ پهلاج ميگهواڙ جوابدار نامزد آهن.
ايس ايڇ او ڏيپلو هڪ ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد مان ضمانت ڪرائي هئي.
وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس بنا ڪنهن ڏوهه جي اسان جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيون.- Advertisement -
