بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه پاران جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سان بحرين جي ڪمانڊر آف نيشنل گارڊ ملاقات ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ٻه طرفي فوجي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، علاقائي سلامتي ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
آرمي چيف چيو ته پاڪستان بحرين سان روايتي، دفاعي، سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو.
بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب شيخ محمد بن عيسيٰ دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ پاڪستان سان سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ بحرين جي عزم کي ورجايو.