ڪنب ويجهو پوليس پاران مبينا مقابلي دوران ٻن ڦورن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ڳوٺ بهارو ڦلپوٽو ڀرسان پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو.
مقابلي دوران ٻن ڦورن جبار عرف جبو شيخ ۽ نجب دين بروهي کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ڏوهارين مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا.