تازه ترين

ڪنب ۾ ٻارڙي سان اغوا بعد زيادتي واري ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار

ڪنب ۾ نينگري سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش جو ڪيس جوابدار عاقب چانڊيو مٿان داخل ڪيو ويو.

 نينگري زهرا فاطمه جي والد عبدالشڪور سيال جي فرياد تي پوليس جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو.

ايس ايڇ او محمد اسلم لغاري رابطي تي ٻڌايو ته نينگري زهرا فاطمه سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار عاقب چانڊيو کي نوري آباد مان گرفتار ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي خيرپور  روحل خان کوسو جي نوٽيس بعد جوابدار کي ٽريس ڪري گرفتار ڪيو آهي.

پوليس ذريعن موجب جوابدار ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، کيس سومر ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون