تازه ترين

ڪنري ۾ نوجوان مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪنري ۾ نوجوان مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.

ميمڻ ڪنري واسي 22 ورهين جي راجا پٽ روي ميگھواڙ جو گهر ٻاهران وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو.

اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مڙهه تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان ايگريلڪچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ وٽرنري ڊاڪٽر جي آخري سال جو شاگرد هو.

سندن چوڻ هو ته نوجوان کي ڪابه پريشاني نه هئي، خبر ناهي هن اهڙو قدم ڇو کنيو؟.

ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي نوجوان جي مبينا آپگهات واري واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون