تازه ترين

ڪنهن به شرپسند کي ڊي چوڪ ويجهو اچڻ نه ڏنو ويندو:عطا تارڙ

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪنهن به شرپسند کي ڊي چوڪ ويجهو اچڻ نه ڏنو ويندو، اهي ڌرڻا  ۽ مارچ ڇو پيا ڪيا وڃن، ان جو سبب اهو آهي ته هنن کي پاڪستان جي ترقي قبول ناهي، کين ملڪي خراب حالتون ڏسي ننڊ ناهي ايندي ۽ هي پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي ڏسي نٿا  سگهن، شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس کي تباهه ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن جا سربراهه پاڪستان اچي رهيا آهن، الله پاڪستان کي اها عزت بخشي.

هن چيو ته ملائيشين وزيراعظم جي پاڪستان ۾ موجودگيءَ دوران پي ٽي آءِ احتجاج جو فيصلو ڪيو ته ڊي چوڪ طرف مارچ ڪيو وڃي.

عطا تارڙ چيو ته هڪ طرفان دنيا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري طرف وڌي رهي آهي ته ٻئي پاسي واري ڏڦيڙ، تشدد ۽ تباهي جا منظر ڪي پي ۾ ڏيکاريا پيا وڃن.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اهي ڌرڻا  ۽ مارچ ڇو پيا ڪيا وڃن، ان جو سبب اهو آهي ته هنن کي پاڪستان جي ترقي قبول ناهي، کين ملڪي خراب حالتون ڏسي ننڊ ناهي ايندي ۽ هي پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي ڏسي نٿا  سگهن.

عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جو موقف آرمي چيف خلاف آهيس، هي ٻاهر وڃي ٻين ملڪن ۾ پنهنجي ملڪ خلاف لابي ڪندا آهن.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته تيل جي اگهن ۾ لاٿ بعد هنن ڪي پي ۾ ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گهٽ ڇو ناهن  ڪرايا؟ اسڪول ڇو نه پيا قائم ڪيا وڃن.

عطا تارڙ چيو ته ريڊ زون ۾ ڌرڻي جو مقصد سرڪاري  ڪار وهنوار کي مفلوج ڪرڻ آهي، جيئن نه وزيراعظم هائوس هلي نه ايوان صدر ۽ نه سيڪريٽريٽ هلي سگهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس کي تباهه ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.

عطا تارڙ چيو ته ڪي پي ۾ لڳايل وڏو وزير وفاق خلاف سرڪاري هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي.

وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي پر ڪي پي ۾ گهٽ نه پئي ٿئي، هي سمورو وقت ڌرڻن ۽ پنهنجي ليڊر کي خوش ڪرڻ ۾ لڳائي رهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
21 %
2.1kmh
0 %
آچر
20 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون