روينيو واري نگران صوبائي وزير يونس ڌاڳا چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ننڍين صنعتن جو ڪردار انتهائي اهم هوندو آهي، حيدرآباد سمال چيمبر جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.
روينيو واري نگران صوبائي وزير يونس ڌاڳا جي صدارت هيٺ حيدرآباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز جو اجلاس ٿيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي يونس ڌاڳا چيو ته سنڌ حڪومت جي ذيلي ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ چيمبر جي فنڊنگ جو مسئلو حل ٿي ويندو، جيڪڏهن ان ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي ته ڪوشش ڪئي ويندي ته ايم ڊي سائيٽ جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي.
هن ايم ڊي سائٽ غضنفر علي قادري کي هدايت ڪئي ته هو سائيٽ ايريا جو دورو ڪري مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري.
صوبائي وزير چيو ته پنجاب صنعتي زون 1980ع ۾ قائم ڪيو، جڏهن ته سنڌ جو صنعتي زون ڪافي پراڻو آهي، ان ڪري سنڌ جي صنعتي زون کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوششن جي ضرورت آهي.
يونس ڍاگا ايم ڊي سائٽ کي هدايت ڪئي ته سائيٽ جي ملازمن کي نوڪريون ڏنيون وڃن
نگران صوبائي وزير چيو ته ڪمند کي گنجو ٽڪر ۾ 300 ايڪڙ زمين 2007ع ۾ الاٽ ڪئي وئي هئي، جنهن بابت صوبائي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي چيو ته ڄاڻايل زمين تي هڪ بااثر شخص پنهنجي مالڪي ظاهر ڪري قبضو ڪيو.
صوبائي وزير چيو ته ايندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان زمين بابت ڪيس جي پيروي ڪئي ويندي ته جيئن چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز جو مسئلو حل ٿي سگهي.
نگران صوبائي وزير روينيو يونس ڍاگا چيمبر جي ميمبرن جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي