سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪنهن خلاف فتويٰ جاري ڪرڻ جا اختيار ڪنهن وٽ به نه آهن، هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي، فتويٰ ڏيندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، قانون تي عمل ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هميشه اسلام لاءِ ڪم ڪيو آهي.
راولپنڊي ۾ ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي ۽ عالم سڳورن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ڪنهن کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏيڻ جو اختيار ناهي، هو نفرت پکيڙيندڙن ۽ قتل جي فتويٰ ڏيندڙن جي رستي جي ڀت بڻجندا.
سندس چوڻ هو ته ختم نبوت جي عقيدي کانسواءِ دين نامڪمل آهي، قتل جي فتويٰ جاري ڪرڻ پٺيان سياسي مقصد آهن، ائين ڪندڙن کي روڪيو ويندو، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، قانون تي عمل ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو والد قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ هو، سندس ڏاڏي به مسلمانن لاءِ خدمتون فراهم ڪيون، بنا جاچ ۽ پريس رليز ڏسڻ جي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته جيڪو ڪجهه ڪيو ويو ان تي ايف آءِ آر به داخل ٿي وئي آهي، ان جا ڪابه گنجائش ناهي سندس معاشري ۾ ته سياسي مقصدن لاءِ ائين اعلان ڪيو وڃي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته جماعت اسلامي جي ڌرڻي بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي ويهندي ۽ سفارشون تيار ڪيون وينديون.