تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪنهن خلاف فتويٰ جاري ڪرڻ جا اختيار ڪنهن وٽ به نه آهن: عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪنهن خلاف فتويٰ جاري ڪرڻ جا اختيار ڪنهن وٽ به نه آهن، هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي، فتويٰ ڏيندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، قانون تي عمل ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  هميشه اسلام لاءِ ڪم ڪيو آهي. راولپنڊي ۾ ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي ۽ عالم سڳورن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ڪنهن کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏيڻ جو اختيار ناهي، هو نفرت پکيڙيندڙن ۽ قتل جي فتويٰ ڏيندڙن جي رستي جي ڀت بڻجندا. سندس چوڻ هو ته ختم نبوت جي عقيدي کانسواءِ دين نامڪمل آهي، قتل جي فتويٰ جاري ڪرڻ پٺيان سياسي مقصد آهن، ائين ڪندڙن کي روڪيو ويندو، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، قانون تي عمل ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو والد قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ هو، سندس ڏاڏي به مسلمانن لاءِ خدمتون فراهم ڪيون، بنا جاچ ۽ پريس رليز ڏسڻ جي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته جيڪو ڪجهه ڪيو ويو ان تي ايف آءِ آر به داخل ٿي وئي آهي، ان جا ڪابه گنجائش ناهي سندس معاشري ۾ ته سياسي مقصدن لاءِ ائين اعلان ڪيو وڃي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته جماعت اسلامي جي ڌرڻي بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي ويهندي ۽ سفارشون تيار ڪيون وينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون