تازه ترين

ڪنهن فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي: اليڪشن ڪميشن

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪنهن فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، 41 ميمبرن کي آزاد اميدوار قرار ڏيڻ جي قانون ۾ ڪا به گنجائش ناهي.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به ناهي چيو ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي ناهي، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي آهي، جنهن جو نالو سياسي پارٽين جي لسٽ ۾ شامل آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪنهن فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي درست قرار نه ڏنو، انٽرا پارٽي چونڊون درست نه ڪرائڻ تي پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان واپس ورتو.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ 39 ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ايم اين اي قرار ڏنو ويو آهي، انهن 39 ميمبرن پنهنجن نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ سان وابستگي ظاهر ڪئي هئي، ڪنهن به پارٽي جو اميدوار هجڻ لاءِ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ۽ ڊڪلريشن آر او وٽ جمع ڪرائڻ ضروري آهي، انهن اميدوارن آر او کي پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊڪلريشن جمع نه ڪرائي.

اليڪشن ڪميشن موجب رٽرننگ آفيسرن لاءِ اهو ممڪن نه هو ته اهي هنن کي پي ٽي آءِ جو اميدوار قرار ڏين، جن 41 اميدوارن کي آزاد ڊڪليئر قرار ڏنو ويو آهي، انهن نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو، اليڪشن کٽڻ کان 3 ڏينهن پوءِ ايم اين ايز سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي.

اليڪشن ڪميشن موجب سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل اپيل ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي، پي ٽي آءِ نه اليڪشن ڪميشن ۾ ڌر هئي نه ئي پشاور هائيڪورٽ آڏو ڌر بڻجي، پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ به ڌر نه هئي، تنهن ڪري پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ سمجهه کان باهر آهي

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
27 %
0.6kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون