ڪنڊيارو: ڳوٺ خميسو حطار ۾ نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش جو نوٽيس ورتو، جوابدار گرفتار

- Advertisement -
ڪنڊيارو ويجهو نينگري سان مبينا ڏاڍائي جي خبر سنڌ ٽي وي نيوز تي نشر ٿيڻ جو ايس ايس پي نوشهرو فيروز پاران نوٽيس وٺڻ بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ڳوٺ خميسو حطار ۾ 13 سالن جي نينگري سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش واري خبر سنڌ ٽي وي نيوز تي نشر ٿيڻ جو ايس ايس پي نوشهروفيروز سهائي عزيز نوٽيس ورتو. ايس ايس پي جي نوٽيس وٺڻ بعد ڪنڊيارو پوليس ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار فراز کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو. ايس ايس پي سهائي عزيز جو چوڻ هو ته سنڌ ٽي وي نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد واقعو نوٽيس ۾ آيو. سندس چوڻ هو ته نينگري جي والد رستم جي فرياد تي ڪنڊيارو ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جوابدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، معاملي جاچ ڪئي پئي وڃي. نينگري جي امڙ ۽ والد جو چوڻ هو ته هو سنڌ  ٽي وي نيوز  جا ٿورائتا آهن، جنهن جي خبر نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي نوشهروفيروز نوٽيس ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون