تازه ترين

ڪوئٽا ۾ ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي ۾ 24 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي ماڻهو زخمي

- Advertisement -
ڪوئٽا ۾ ريلوي اسٽيشن پليٽ فارم تي مبينا آپگهاتي ڌماڪي ۾ عورت سميت 24 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ريلوي اختيارين موجب جعفر ايڪسپريس کي صبح 9 وڳي پشاور لاءِ روانو ٿيڻ هو، ٽرين اڃا پليٽ فارم تي نه لڳي هئي ته ڌماڪو ٿي ويو، بم ڌماڪو ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ گهر ويجهو ٿيو. ٻئي طرف سول اسپتال ڪوئٽا جي ڊاڪٽر نور الله موجب اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، طبي امداد لاءِ اضافي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي طلب ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ريلوي پوليس موجب بظاهر ڌماڪو آپگهاتي لڳي ٿو،  پر وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ رپورٽ پڻ طلب ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث عنصرن تائين پهچي ويا آهيون، صوبي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن، ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث دهشتگرد پڪڙيا ويا آهن، بلوچستان مان دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويندو. صابائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي. شاهد رند جو چوڻ هو ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ موقعي تان شاهديون گڏ ڪري رهيو آهي، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، نقصان جو پتو لڳايو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.5 ° C
33.5 °
33.5 °
5 %
2.8kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون