- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪوشش هوندي ته آءِ ايم ايف جو هي پروگرام آخري پروگرام هجي، سندن قدمن جي ڪري ملڪ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي طرف وڌي رهيو آهي.
واشنگٽن ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته سڀئي ريٽنگ ايجنسيون چئي رهيون آهن ته پاڪستان صحيح معاشي رخ طرف وڌي رهيو آهي، معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا.
هن چيو ته نان فائلر جو اصطلاح ختم ڪئي پئي وڃي، نان فائلر گاڏيون ۽ ملڪيتون خريد نه ڪري سگهندا، کين نان فائلر لاءِ قانوني ڪور جي ضرورت آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، آمريڪا ۾ موجود بزنس ڪميونٽي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمند آهي.
هن چيو ته آمريڪا ۾ اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقاتون هاڪاري رهيون، اسٽيڪ هولڊرز پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي کي ساراهيو آهي.
ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ورلڊ بئنڪ پاڪستان کي قرض نه گرانٽ ڏيندو.
- Advertisement -
