حڪومت ايل پي جي جي قيمت ۾ في ڪلو 11 رپيا 88 پئسا گھٽتائي ڪري ڇڏي آھي.
ايل پي جي جي نئين في ڪلو قيمت 238 رپيا 46 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي ۽ گهريلو سئلينڊر 140 رپيا 18 پئسا سستو ٿيو آهي.
نون اگهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، جيڪي پهرين مئي کان لاڳو ٿيندا.
نوٽيفڪيشن موجب اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ ايل پي جي 11 ڏهائي 8 ڪلو گرام جو گهريلو سئلينڊر 2 هزار 813 رپين 85 پئسن جو ٿي ويو آهي.