ڪوهيڙي ۾ گهٽتائي بعد لاهور علامه اقبال ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن جي آمد شروع ٿي ويئي.
ايوي ايشن ذريعن موجب مسقط کان لاهور جي اڏام هڪ ڪلاڪ دري سان لاهور لينڊ ڪري وئي.
استنبول کان لاهور جي اڏام جي آمد ۾ پوڻا 3 ڪلاڪ جڏهن ته شارجا کان لاهور جي اڏام جي آمد ۾ به اڌ ڪلاڪ دير ٿي.
ان کان اڳ لاهور ۾ سخت ڪوهيڙي سبب 3 غير ملڪي اڏامن کي اسلام آباد ۾ لاٿو ويو.
ابوظهبي ۽ دوحا کان لاهور جي اڏامن کي اسلام آباد ۾ لاٿو ويو.