- Advertisement -
سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪوٽڏيجي جي قلعي مان قيمتي توپ جا 4 ڪڙا چوري ٿي ويا آهن.
چور سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪوٽڏيجي جي قلعي مان ٽن اهم توپن مان هڪ قيمتي توپ جا 4 ڪڙا ڪٽي چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن.
چوڪيدار جي فرياد تي ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
چوڪيدار جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل چور جيسر ميل توپ جا 4 پتل جا ڪڙا ڪٽر مشين ذريعي ڪٽي چوري ڪري ويا آهن.
علائقي واسين جو چوڻ هو ته ڪوٽڏيجي جي تاريخي ماڳ تان اڳ به ڪيترائي ڀيرا قيمتي سامان چوري ڪيو ويو، جن ۾ قلعي جي انتظايا جو هٿ آهي.
سياحن جو چوڻ هو ته ڪوٽڏيجي جو قلعو سنڌ جو تاريخي ماڳ آهي، سياحت ۽ ثقافت واري وزير کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.- Advertisement -
