تازه ترين

ڪوٽڏيجي: پراسرارطور گم ٿيل نينگر جو فصل مان ڌڙ سسي کان ڌار لاش هٿ

ڪوٽڏيجي ويجهو پراسرار نموني گم ٿيل نينگر جو ڪپڙن کان آجو ڌڙ سسي کان ڌار لاش هٿ آيو.

ڳوٺ علي بخش حاجاڻو مان هفتو اڳ پراسرار طور گم ٿيل 7 سالن جي علي رضا حاجاڻو جو ڪڻڪ جي فصل ۾ لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيوويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته ظالمن ظلم ڪري نينگر کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو آهي.

نينگر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون