ڪوٽڏيجي ويجهو ڳوٺ ٻاڙيءَ جي رهواسي استاد تي جوابدارن مبينا طور حملو ڪري سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا.
متاثر استاد ساجد مهراڻي برادريءَ جي ماڻهن سان گڏجي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ڪيو.
ساجد مهراڻي جو چوڻ هو ته برادريءَ جي ماڻهن گهران گهرائي حملو ڪيو آهي، معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.