تازه ترين

ڪوٽ غلام محمد ويجهو ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر، زال مڙس فوت، پٽ ۽ ڊرائيور زخمي

- Advertisement -
ڪوٽ غلام محمد ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زال مڙس فوت ۽ سندن پٽ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. علي ماڊل ٽائون ويجهو پٿرن سان ڀريل بيٺل ٽرڪ سان ڪار ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ ڪار سوار عرفان قائمخاني ۽ سندس گهر واري ناظمانه قائمخاني ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن پٽ حماد عرفان  قائمخاني ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس حادثي واري هنڌ پھچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي علاج لاءِ حيدر آباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪار ڊرائيور عبدالله جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
43 %
1.9kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون