ڪوٽ غلام محمد ويجهو نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو.
ڳوٺ مڌن ڪولهي واسي نوجوان دليپ ڪولهي جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
والد جو چوڻ آهي ته سندس پٽ وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.