سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪوڙي خبر پکيڙڻ هڪ غير اخلاقي ۽ غير قانوني عمل آهي، اڻ تصديق ٿيل خبر پکيڙڻ قوم جي به توهين آهي، غير ذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪوڙي خبر پکيڙڻ هڪ غير اخلاقي ۽ غير قانوني عمل آهي.
سندس چوڻ هو ته اڻ تصديق ٿيل خبر پکيڙڻ قوم جي به توهين آهي.
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته غير ذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي.