ڪيترن ئي ماڻهن شرطون لڳايون ته معيشت بهتر نه ٿيندي، پر اهي غلط ثابت ٿيا:عطا تارڙ

- Advertisement -
سـُـڌ سَماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن شرطون لڳايون ته معيشت بهتر نه ٿيندي،  پر اهي غلط ثابت ٿيا، رياست لاءِ سياست قربان ڪئي ۽ ملڪي مفاد لاءِ فيصلا ڪيا، معيشت بابت سمورا انگ اکر هاڪاري آهن، وزيراعظم  سڀاڻي حقيقتون قوم آڏو رکندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته اقتدار سنڀاليو ته ملڪ  جو ڏيوالو نڪرڻ وارو هو،  سڀاڻي ن ليگ جي گڏيل حڪومت کي هڪ سال مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته هنن سياست قربان ڪري رياست بچائي، سياسي نه پر ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪيا، وزيراعظم شهبازشريف جي قيادت ۾ ملڪي بهتري لاءِ فيصلا ڪيا ويا. عطا تارڙ چيو ته حڪومتي قدمن سبب مهانگائي گهٽ ترين سطح تي آهي، ساڍن نون  ورهين بعد اها گهٽ ترين مهانگائي جي سطح آهي، معاشي بحالي ۾ آرمي چيف جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هر سيڪٽر ۾ بهتري آئي آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خلاف آءِ ايم ايف کي خط لکيا ويا، پاڪستان جي تباهيءَ جون دعائون ڪندڙ پاڻ  ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، سيڙپڪارن جو ملڪ تي اعتماد وڌي رهيو آهي. عطا تارڙ چيو ته القادر ٽرسٽ ۾ غبن ڪندڙ سزا ڀوڳي رهيا آهن،  عوام ڌرڻي ۽ ڀڃ ڊاهه نه پر خوشحالي چاهي ٿو، انگ اکر ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا، کوکلا نعرا، ڪوڙ بهتان ۽  جهيڙا ڪو به نه ٿو چاهي. سڌ سماءِ واري وفاقي وزير چيو ته آذربائيجان پاڪستان  ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاريءَ لاءِ تيار آهي، پي ٽي آءِ دور ۾ پاڪستان پرڏيهي محاذ تي اڪيلائيءَ جو شڪار هو، اڏام پاڪستان جٽادار ترقيءَ جو منصوبو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
16%
0.6m/s
0%
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون