ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪينجهر مان پاڻي جي سپلاءِ لاءِ ڪم جاري آهي، ڪراچيءَ جو اهم مسئلو پاڻي آهي، ڪوشش آهي ته شهرين کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي، شهري واٽر مافيا کان تمام گهڻا پريشان آهن، ڪراچي واسي پاڻي جو بل ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن واٽر مافيا خلاف ڪارروائي شروع ڪئي آهي.
ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته هو ڪراچيءَ جي شهرين کي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڪراچيءَ جو بنيادي مسئلو پاڻي جي سپلاءِ ۾ شارٽ فال آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي جنهن لاءِ پاڻي جي چوري کي روڪڻ جي ضرورت آهي، ڪي فور منصوبي جو پنج ڀيرا افتتاح ڪيو ويو.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي فور منصوبي تي ڪم جاري آهي جيڪو وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي، ڪي فور منصوبو آڪٽوبر 2024ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.
هن چيو ته هو پاڻي کي صنعتن ۾ استعمال ڪرڻ جي قابل بڻائيندا، پاڻي چوري ڪندڙ مافيا خلاف گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي، هنن نئين قانون ۾ اسپيشل ڪورٽ کي منظور ڪرايو آهي.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته واٽر بورڊ جي ملازمن تي پاڻي مافيا طرفان فائرنگ به ٿي آهي، پوليس ۽ رينجرز جا ٿورائتا آهن جن کين سپورٽ ڪيو آهي، 75 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 70 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي بهتر سپلاءِ لاءِ پراڻي لائنن جي مرمت ڪئي پئي وڃي، پراڻي لائنن سبب ڪينجهر ۽ حب کان ايندڙ پاڻي ضايع ٿيندو آهي………