تازه ترين

ڪينيا جي آرمي چيف ۽ ٻين 9 اعليٰ فوجي آفيسرن سميت هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار

ڪينيا جو آرمي چيف جنرل فرانس اوگولا ٻين 9 اعليٰ فوجي آفيسرن سميت هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو.

ڪينيا جو صدر وليم روٽو ملٽري هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ملڪ جي ڊفينس چيف جنرل فرانسس اوگولا سميت ٻين آفيسرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ملڪ ۾ 3ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

صدر وليم روٽو پنهنجي بيان ۾ چيو ته هنن انتهائي بهادر، قابل ۽ محب وطن فور اسٽار جنرل وڃائي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب جنرل فرانسس اوگولا جي پهرين هيلي ڪاپٽر کي حادثو گذريل ڏينهن  اولهه پوڪوٽ ڪائونٽي کان اڏام ڀرڻ جي ڪجهه منٽن بعد پيش آيو جتان هو پنهنجي ساٿين سان گڏ اسڪول جو دورو ڪرڻ ويا هئا.

مقامي ميڊيا رپورٽس موجب هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ٻه فوجي معجزاڻي طور بچي ويا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ميڊيا رپورٽس موجب ملٽري هيلي ڪاپٽر ڪرڻ جا سبب جاچڻ لاءِ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي، ڪينيا جي هوائي فوج معاملي جي انڪوائري لاءِ ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي.

جنرل فرانسس اوگولا ان کان اڳ ڪينيا جي هوائي فوج جو سربراهه ۽ فوج جو نائب صدر به رهي چڪو هو، جڏهن ته صدر وليم روٽو گذريل سال کيس ترقي ڏني هئي ……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
59 %
2.8kmh
56 %
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون