تازه ترين

ڪينيڊا ۽ ڀارت هڪٻئي جي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ڪينيڊا ۽ ڀارت هڪٻئي جي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. ڪينيڊا ۾ سـِک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل جي جاچ ۾ ڀارتي سفير جو نالو شامل ڪرڻ تي سفارتي تڪرار وڌي ويو. ڪينيڊا ڀارتي حڪومت جي تشدد مهم سان تعلق هجڻ تي انڊين هاءِ ڪمشنر سميت 6 سفارتي اهلڪارن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. ڪينيڊين پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع آهن ته ڀارتي سفارتڪار ڳجهين سرگرمين لاءِ پنهنجي سرڪاري حيثيت جو فائدو                                                              کڻي رهيو آهي. ڀارت جواب ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر سميت 6 سفارتڪارن کي ملڪ بدر جو فيصلو ڪيو آهي، ڀارتي حڪومت کين ملڪ ڇڏڻ لاءِ 19 آڪٽوبر تائين جو وقت ڏنو آهي. ٻئي پاسي ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته ڀارتي سوچي غلطي ڪئي ته هو هتي ڪينيڊينز خلاف ڏوهن جي حمايت ڪري سگھي ٿي. هن چيو ته ڪوبه ملڪ ڪينيڊا جي سرزمين تي تي شهرين جي قتل ۾ ملوث هوندو ته برداشت نه ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته هو ڀارت سان سفارتي ٽڪراءُ نٿا چاهين پر ڀارتي حڪومت جو رد عمل، انڪار، معاملو منجهائڻ، مٿس ذاتي طور تي حملا ڪرڻ ۽ ڪينيڊين حڪومت جي سالميت خلاف رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون