ڪراچي جي جمعا ڳوٺ واري علائقي مان هٿياربند ڪيٽي بندر واسي پوليس اهلڪار کي مبينا طور اغوا ڪري ويا آهن.
رات دير سان ڪي ٽي بندر جي ڳوٺ محمد يوسف پيروزاڻي واسي نوجوان اي ايس آءِ ذوالفقار علي پيروزاڻي کي ڪار سوار هٿياربند گهر ٻاهران کڻي ويا.
وارثن پاران زمان ٽائون ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڏنو ويو، جتي پوليس کين ٻڌايو ته بدين پوليس بنا انٽري جي کيس گرفتار ڪيو آهي.
ذوالفقار علي پيروزاڻي جي ڀاءُ ديدار حسين پيروزاڻي ۽ سندس مامي محب پيروزاڻي ٻڌايو ته ذوالفقار گهر ٻاهران ويٺل هو ته کيس ڪارسوار سادا ڪپڙا پهريل هٿياربند اغوا ڪري ويا.
وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ذوالفقار کي فوري طور آزاد ڪري بدين پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.