تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

ڪي اليڪٽرڪ انجنيئر عمران نائچ قتل ڪيس جو ڊراپ سين

ڪي اليڪٽرڪ انجنيئر عمران نائچ قتل ڪيس جو ڊراپ سين، هڪ جوابدار اسلام آباد اسلامڪ ڪلچر يونيورسٽيءَ جو شاگرد گرفتار ۽ مقتول جي گهر واري به واقعي ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ايس ايس پي سي ٽي ڊي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڇاپو هڻي جوابدار فيصل سيال کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار ۽ مقتول جي گهرواري ۾ لاڳاپا آهن، ٻنهي شادي ڪرڻ لاءِ عمران نائچ کي قتل ڪيو.

ملير جي گلشن حديد واري علائقي ۾ 9 مئي 2023 تي قتل ٿيل ميرپور ماٿيلو واسي ڪي اليڪٽرڪ انجنيئر عمران نائچ جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

سي ٽي ڊي ڪراچي جي علائقي دهلي ڪالوني ۾ ڇاپو هڻي عمران نائچ جي قتل ۾ ملوث اسلام آباد اسلامڪ ڪلچر يونيورسٽيءَ جي شاگرد فيصل سيال کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي جي ٽيم ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار فيصل سيال کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سندس چوڻ هو ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، جوابدار جا مقتول جي گهرواري ثنا سان لاڳاپا هئا، ٻنهي شادي ڪرڻ لاءِ عمران نائچ کي قتل ڪيو.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي بشير بروهي چيو ته جوابدار اسلام آباد مان پنهنجي ڳوٺ ميرپورماٿيلو آيو ۽ اتان ڪراچي پهتو، عمران نائچ جي گهرواري ڳوٺ ۾ جوابدار کي گهر جي چاٻي ڏني، جوابدار ڪراچي اچي گهر جي ڇت تي سمهي رهيو، عمران ڊيوٽي تان واپس گهر پهتو ته جوابدار ڇت تان لهي اچي سندس ڳلو ڪڍي قتل ڪيو.

هن چيو ته عمران نائچ جي زال گهر جي ائڊريس، گهر ۽ گهٽين جي وڊيو ٺاهي جوابدار کي موڪليون ته جيئن جوابدار آساني سان پهچي عمران نائچ کي قتل ڪري سگهي.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي بشير بروهي چيو ته جوابدار ٻڌايو ته هن سان شادي نه ٿيڻ ڪري ثنا آپگهات جي ڪوشش به ڪئي، عمران نائچ کي قتل ڪرڻ جو مقصد کيس رستي تان هٽائڻ هو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون