ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي پرائيويٽائزيشن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو ۽ هڪ کان وڌيڪ ڪمپنين کي بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڏيڻ جي ضرورت آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڳالهين جو وقت ختم ٿي ويو، هاڻي ملڪ جي سلامتي جو مسئلو آهي، روس به معاشي بحران سبب ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، کين سٺن فيصلن ۽ درست رخ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم بجلي جي بحران بابت پنهنجو موقف سامهون رکڻ چاهي ٿي، هلندڙ سال پاور سيڪٽر جا لاسز 600 ارب رپيا آهن، کين پاور ڪمپنين کي 17 سئو ارب رپيا ڏيڻا آهن، جڏهن ته ملڪ جي ڊيولپمينٽ لاءِ بجيٽ ۾ 14 سئو ارب رپيا آهن.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪي معيشيت کي سڀ کان وڏو نقصان پاور سيڪٽر جا لاسز آهن، ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ بجلي موجود آهي، پر 18، 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جڏهن بجلي وڌيڪ ڏيندا ته وڌيڪ لاسز ٿيندا جنهن لاءِ هنن سوچيو ته بجلي ئي گهٽ ڏيندا ته لاسز گهٽ ٿيندا.
هن چيو ته اوهان بجلي جا لاسز بچائڻ لاءِ بجلي جي پيداوار گهٽ ڪري رهيا آهيو، هي سمورا لاسز اهو ادا ڪري رهيو آهي جيڪو بل ڏئي رهيو آهي، هي نظام ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر آهي، سفيد پوش ماڻهو بجلي جو بل ادا نٿو ڪري سگهي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته سمورن ڊسڪوز کي پرائيويٽائيز ڪرڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ جي پرائيويٽائيزيشن جو تجربو گهڻو بهتر ناهي، ڪي اليڪٽرڪ جي پرائيويٽائزيشن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو ۽ هڪ کان وڌيڪ ڪمپنين کي بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڏيڻ جي ضرورت آهي……….