- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ شروع کان اڄ تائين هڪ بي لغام گهوڙو بڻيل آهي، بيلينس شيٽ ڪڍي ڏسو ته بجلي جي فراهمي وارو ادارو ڪيترو منافعو ڪمائي رهيو آهي، معاهدي تحت لي اليڪٽرڪ جي ڪمائي جو هڪ سيڪڙو حصو نيٽ ورڪ وڌائڻ ۽ ٺيڪ ڪرڻ تي خرچ ڪرڻو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته برسات هجي يا گرمي ڪي اليڪٽرڪ جا فيڊر ٽرپ ٿي ويندا آهن، سنڌ اسيمبلي گذريل ڏينهن ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ته بجلي جي فراهمي وارا ادارا پنهنجو قبلو درست ڪن.
سندس چوڻ هو ته بجلي جي فراهمي ڪندڙ ادارا اجتماعي سزا نٿا ڏئي سگهن، اها آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، بجلي فراهم ڪندڙ ادارا ميٽر ريڊنگ بدران رڳو اندازن تي واهپيدارن کي بل اماڻن ٿا.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام بل کڻي وٺي ٿو ته چوندا آهن بل گهٽ نٿا ٿي سگهن، قسطون ٿي سگهن ٿيون، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هڪ سئو گهرن ۾ 10 ڊيفالٽر هئڻ تي پي ايم ٽي لاٿي ويندي آهي.
هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، اسيمبليءَ مان بل پاس ٿيڻ تي ڪي اليڪٽرڪ کي خط لکيو ته حڪومت ڏانهن سندن بقايا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته بجلي فراهم ڪندڙ ادارا پنهنجي لالچ ۽ نااهلي جي سزا غريب عوام کي ڏين، عوام گرمي جي لهر سبب سخت پريشان آهي، امتحاني مرڪزن کي به بجلي فراهم نه پئي ڪئي وڃي.- Advertisement -
