تازه ترين

ڪي پي اسيمبلي جي اجلاس دوران هنگامي دوران ميمبر هڪٻئي کي هٿين پئجي ويا

- Advertisement -
ڪي پي اسيمبلي جي اجلاس دوران هنگامي دوران ميمبر هڪٻئي کي هٿين پئجي ويا، جنهن دوران لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو. ڪي پي اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي ميمبرن اسپيڪر کان ڳالهائڻ جو وقت گهريو، اجازت نه ملڻ تي ميمبرن وچ ۾ ڏند چڪ ٿي، جنهن بعد ميمبر هڪٻئي کي هٿين پئجي ويا. ميمبرن هڪٻئي کي لتن ۽ مـُـڪن جو سڪارو ڪيو. تحريڪ انصاف جي نيڪ محمد ۽ اقبال وزير هڪٻئي هٿين پئجي ويا، ٻنهي جو تعلق اتر وزيرستان سان آهي. جهيڙي دوران ايوان ۾  موجود ٻنهي ميمبرن جي حامين هڪٻئي تي حملو ڪيو ۽ ايوان مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو. حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسپيڪر اجلاس پندرهن منٽن لاءِ ملتوي ڪيو ۽ سڪيورٽي اهلڪارن کي  گهرايو ويو. صوبائي وزير مخالف جي ميمبرن کي پرچائڻ لاءِ مخالف ڌر جي ميمبرن وٽ آيا، جنهن بعد حالتون نارمل ٿي ويون. مخالف ڌر جي ميمبرن جو چوڻ هو ته وڏي وزير کي ڳالهائڻ جو وقت ڏنو ويو ته کين ڇو نٿو ڏنو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون