ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۽ سنڌ ۾ سياحت لاءِ بهترين جڳهون موجود آهن، سياحت جي سيڪٽر کي هٿي وٺرائي ملڪي معشيت ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي.
ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کاتي جي آفيس جو دورو ڪيو.
ڪي پي گورنر سنڌ جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ٻنهي صوبن وچ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.
گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته ڪي پي ۽ سنڌ ۾ سياحت لاءِ بهترين جڳهون موجود آهن، سياحت جي سيڪٽر کي هٿي وٺرائي ملڪي معشيت ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي.
صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته صوبن وچ ۾ سياحتي سرگرميون وڌائڻ جي ضرورت آهي، سياحت جي شعبي کي هٿ وٺرائڻ سان پرڏيهي سياح پاڪستان جو رخ ڪندا.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جا ڪيترائي هنڌ موجود آهن جن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي