تازه ترين

ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي گرفتاريءَ جا وارنٽ برقرار

- Advertisement -
اسلام آباد جي عدالت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي گرفتاريءَ جا وارنٽ برقرار رکندي جوابدار تنوير بٽ کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل جاويد ۽ ٻين خلاف آءِ نائن ٿاڻي تي داخل ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران حيدر بن مسعود، عامر محمود ڪياني ۽ فيصل جاويد عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور، عمر تنوير بٽ ۽ واثق قيوم عدالت ۾ پيش نه ٿيا. راشد حفيظ کي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست داخل ڪئي وئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. عدالت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي گرفتاريءَ جا وارنٽ برقرار رکندي جوابدار تنوير بٽ کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
12 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون