تازه ترين

ڪي ڪي آغا، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا، سنڌ جي اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت ريفرنس واري ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني طرفان ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي.

وڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته آغا سراج دراني هڪ سال 8 مهينا جيل ۾ گذاري چڪو آهي، ايترو مدو جيل ۾ گذارڻ تي هو ضمانت جو مستحق آهي.

جسٽس ڪي ڪي آغا، سنڌ جي اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪندي نئين بينچ جوڙڻ لاءِ درخواست چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏي.

گذريل ٻڌڻي تي جسٽس مبين لاکو به آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي کان لاچاري ظاهر ڪئي هئي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون