نگران قانون واري صوبائي وزير عمر سومري چيو آهي ته ڪچي پڪي ۾ ڏوهارين خلاف پوليس ڪارروائي ڪندي، ڪشمور ضلعي ۾ پوليس نفري وڌائڻ سميت پوليس کي جديد هٿيار ڏنا ويندا، ڪچي ۾ هن وقت پاڻي آهي جيئن پاڻي سڪندو ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويندو.
ڪنڌڪوٽ ۾ نگران قانون واري وزير عمر سومري جي صدارت هيٺ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن امان بابت الاس ٿيو
اجلاس ۾ انساني حقن واري سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر، ڊي سي، ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ صوبائي وزير کي ڊي سي ۽ ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ پاران امن امان بابت بريفنگ ڏني وئي .
اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري وزير عمر سومري چيو تـه ڪچي ۽ پڪي ۾ ڏوھارين خلاف پوليس ڪارروائي ڪندي.
هن چيو ته ضلعي ۾ نفري وڌائڻ سان گڏ پوليس کي جديد ھٿيار ڏنا ويندا، ڪچي ۾ ھن وقت پاڻي آھي جيئن پاڻي سڪندو ته ڏوھارين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو .
قانون واري وزير عمر سومري چيو تـه تعليم کاتي وارن شڪايت ڪئي آهي ته ڳوٺن ۾ پڙهائيندڙ استاد محفوظ ناهن، بدامني سبب عام شهري توڙي واپاري غير محفوظ آهن، ڪوبه سردار ڏوهارين سان مليل هوندو ته سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس نفري وڌائي ڏوهارين ۽ سندن مددگارن جي لسٽ تيار ڪئي وڃي…..