تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪچي ۽ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي،  شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائي ويندي: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪچي ۽ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي،  شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائي ويندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪراچيءَ ۾ رينجرز هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص سندس آجيان ڪئي. وفاقي گهرو وزير کي رينجرز جي آپريشنل تيارين، اوڀرندي سرحد، ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن ۽ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته صوبي ۾ دهشتگردي، ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف ڀرپور ڪارروايون ۽ ٻين ڏوهن خلاف  قدم ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ رينجرز جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪچي ۽ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي،  شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائي ويندي. ان کان اڳ گهرو وزير سکر ۾ نادرا آفيس جو دورو ڪري بريفنگ ورتي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڪچي ۽ ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي ويندي. هن چيو ته سکر ۾ پاسپورٽ آفيس 2007ع کان اڏاوت هيٺ آهي، انشاءَ الله ڇهن مهينن ۾ تعمير ڪئي ويندي. محسن نقوي چيو ته نادرا آفيس شهر کان ٻاهر آهن، ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون