سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ جديد هٿيار خريد ڪئي ويندي، منشيات جي خاتمي لاءِ ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪئي ويندي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته هٿيارن جي خريداري لاءِ سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکي ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن کي جديد هٿيار هلائڻ لاءِ تربيت ڏني ويندي.
سينيئر وزير چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ آپريشن سنجيدگيءَ سان هلي رهيو آهي، منشيات تعليمي ادارن تائين پکڙجي چڪي آهي.
هن چيو ته ڪرسٽل ۽ آئس جهڙي منشيات جو استعمال ڪندڙ آپگهاتي بمبار آهن.
سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي منشيات جو عادي بڻايو پيو وڃي، اسڪولن ۾ ٻارن جي منشيات جي ٽيسٽ ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته ڪلفٽن مان منشيات وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، منشيات خلاف ڪو به اڪيلو جهاد نٿو ڪري سگهي، منشيات جي خاتمي لاءِ آپريشن سنجيدگي سان جاري آهي.
صوبائي وزير چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي علاج لاءِ بحالي مرڪز ٺاهيا ويندا، عمارت جو تعين سنڌ جي وڏي وزير سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويندو، خانگي شعبن کي به دعوت ڏيون ٿا ته هو بحالي مرڪز هلائن.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته صدر آصف زرداري منشيات خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.
سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، سنڌ حڪومت جديد هٿيارن لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي.