تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ جديد هٿيار خريد ڪئي ويندي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ جديد هٿيار خريد ڪئي ويندي، منشيات جي خاتمي لاءِ ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته  هٿيارن جي خريداري لاءِ سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته  پوليس اهلڪارن کي جديد هٿيار هلائڻ لاءِ تربيت ڏني ويندي. سينيئر وزير چيو ته منشيات  جي خاتمي لاءِ آپريشن سنجيدگيءَ  سان هلي رهيو آهي، منشيات تعليمي ادارن تائين پکڙجي چڪي آهي. هن چيو ته  ڪرسٽل ۽ آئس جهڙي منشيات جو استعمال ڪندڙ آپگهاتي بمبار آهن. سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي منشيات جو عادي بڻايو پيو وڃي، اسڪولن ۾ ٻارن جي منشيات جي ٽيسٽ ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪلفٽن مان منشيات وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، منشيات خلاف ڪو به اڪيلو جهاد نٿو ڪري سگهي، منشيات جي خاتمي لاءِ آپريشن سنجيدگي سان جاري آهي. صوبائي وزير چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي علاج لاءِ بحالي مرڪز ٺاهيا ويندا، عمارت جو تعين سنڌ جي وڏي وزير سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويندو، خانگي شعبن کي به دعوت ڏيون ٿا ته هو بحالي مرڪز هلائن. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته صدر آصف زرداري منشيات خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، سنڌ حڪومت جديد هٿيارن لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون