ڪڙيو گهنور ڀرسان ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر سبب حادثي سبب ويليو ڪوڪڙي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
علائقي واسين فوتي جو مڙهه ۽ ٻنهي زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.
فوتيءَ جو تعلق ڪڙيو گھنور شھر سان سان ٻڌايو پيو وڃي.
پوليس واقعي واري ھند پھچي ٽرڪ پنھنجي تحويل ۾ ورتي جڏھن ڊرائيور فرار ٿي ويو.
فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو .