ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ڪميٽيءَ اڄ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف طرفان ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ واري معاملي جي جاچ ڪندڙ ڪميٽيءَ اڄ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، آچر ڏينهن ٿيل ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ مختلف ماڻهن جو موقف ورتو ويو. ڪڻڪ گهرائڻ جو فيصلو ڪڏهن ۽ ڪنهن ڪيو، سرڪاري دستاويز سامهون اچي ويا آهن. هٿ آيل دستاويزن موجب 10 لک ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي سمري شهبازشريف جي پي ڊي ايم حڪومت ۾ سامهون آئي ۽ 13 جولاءِ 2023ع تي فوڊ سڪيورٽي جي وزير 10 لک ٽن ڪڻڪ سرڪاري طور خريد ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي. ڪڻڪ کي اسٽريٽجڪ ذخيرن طور آڻڻ جو فيصلو ٿيو پر 8 آگسٽ 2023ع تي اي سي سي  سموري رد ڪري ڇڏي. نگران حڪومت ۾ پهرين سيپٽمبر 2023ع تي سمري وزيراعظم هائوس موڪلي وئي ۽ 4 سيپٽمبر 2023ع تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فوڊ سڪيورٽي واري وزير طور سمري جي منظوري ڏني. نگران وزيراعظم جي موڪليل سمري ۾ اٽي جو اگهه 5 هزار 6 سئو رپيا في مڻ ٻڌائي وئي، جنهن بعد وزيراعظم هائوس کان سرڪاري ۽ خانگي سيڪٽر کي شامل ڪرڻ جون هدايتون آيون. دستاويزن موجب 12 سيپٽمبر تي ڪڻڪ گهرائڻ واري سمري ٻيهر ايِ سي سي ڏانهن موڪلي وئي پر ناڻي واري وزارت ڪڻڪ سرڪاري طور خريد ڪرڻ جي حمايت نه ڪئي. ناڻي واري وزارت جو چوڻ هو ته خانگي سيڪٽر بهتر نموني ڪڻڪ گهرائي سگهي ٿو، پر 23 آڪٽوبر 2023ع تي ايِ سي سي ڪڻڪ سرڪاري طور ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏني. دستاويزن موجب 24 نومبر 2023ع تي ٽريڊ ڪارپوريشن آف پاڪستان 11 لک ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جو ٽينڊر ڏنو، پر ان تي ڪو به واڪ نه لڳو ۽ خانگي سيڪٽر کي ڪڻڪ گهرائڻ جي اجازت ڏني وئي. واڪ نه لڳڻ باوجود  17 ڊسمبر تائين 12 لک ٽن ڪڻڪ ملڪ ۾ اچي چڪي هئي. دستاويزن موجب 19 ڊسمبر 2023عتي ويٽ بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اوچتو وڌيڪ 15 لک ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏني پئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 25 جهاز خانگي ڪڻڪ کڻي اچي چڪا آهن ۽ اها ملڪ ۾ پهچڻ شروع ٿي وئي آهي. دستاويزن موجب 23 فيبروري 2024ع تي اجلاس ۾ ڪڻڪ گهرائڻ جي تاريخ هڪ مهينو وڌائي 31 مارچ ڪئي وئي ۽ وفاق به وڌيڪ 15 لک ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي اجازت ڏني، جنهن بعد مارچ ۾ موجوده حڪومت اچڻ بعد به ڪڻڪ گهرائڻ جو سلسلو جاري رهيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
38%
1.8m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون